جتوئي علي بخش ڊاڪٽر

جتوئي، علي بخش، ڊاڪٽر: ناليوارو سرجن علي بخش ولد نبي بخش جتوئي 10 فيبروري 1934ع تي ڳوٺ ٻيٽي جتوئي، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ سال 1954ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪيائين. انٽر سال 1955ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي، حيدرآباد مان ۽ ايم. بي. بي. ايس 63-1962ع ۾ ايل. ايم. سي ڄامشوري مان ڪيائين. بعد ۾ ايل. ايم. سي اسپتال ۾ هائوس جاب ڪري 1964ع ۾ ايف آر. سي. ايس ڪرڻ لاءِ انگلنڊ ويو، جتي هن ‘ايڊن برو‘ جي مشهور ڊاڪٽرن سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ مختلف تجربا ڪيا. ان دوران هن يورالاجيءَ جي شعبي ۾ مهارت حاصل ڪري ورتي، خاص طور تي پراسسٽيٽ ۾ ڪامياب آپريشن ڪرڻ ۾ پاڻ مڃايائين. اهڙيءَ طرح هن سنڌ ۾ پهريون ڀيرو پراسسٽيٽ جا ڪامياب آپريشن ڪيا. پڙهائيءَ دوران غير نصابي سرگرمين ۾ به خوب حصو ورتائين ۽ راندين جهڙوڪ: هيمر ٿرو، ترڻ جي مقابلن وغيره ۾ انعام به حاصل ڪندو رهيو. جڏهن لياقت ميڊيڪل ڪاليج اسپتال حيدرآباد ۾ ’يورالاجيءَ‘ جو شعبو کليو ته کيس ان جو انچارج مقرر ڪيو ويو. سندس لکيل ڪتابن ۾ ’ڪلينڪل ميٿڊ ان سرجري‘، ’گائيڊٽو ڪينسر پيشنٽس‘ ۽ ’ڪلينيڪل بڪ ان يورولاجي‘ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.02.10  عيسوي

علي بخش جتوئي 10 فيبروري 1934ع تي ڳوٺ ٻيٽي جتوئي ، تعلقي ميهڙ ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد محمد مبارڪ شاهه جيلاني ثاني
چانگ ساجن
صمد شيخ
راسل پٽ وسايو
حبيب ميربحر
صادق خان
ڊبليو ايڇ هيولاڪ
دوست محمد هڪڙو
خواجه بهاءُ الدين
سيٺ رگهوناٿ پنڊت بانسري نواز
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون